وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي 13 ادارن کي خانگائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي 13 ادارن کي خانگائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي 13 ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪل 13 مان 9 سرڪاري بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون نجڪاري لسٽ ۾ شامل آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ، ٽرائبل اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني نجڪاري فهرست ۾ شامل نه آهن.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا جنڪوز کي به نجڪاري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ پاور هولڊنگ لميٽيڊ، سي پي پي اي سميت ڇهن ادارن کي قومي اهميت جا ادارا قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي چئن ادارن جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني جنهن ۾ ڪوئيٽا اليڪٽرڪ، ٽرائبل اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني، اين ٽي ڊي سي ۽ نيسپاڪ شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.