گوگل ڪروم جي ڊسيڪ ٽاپ ورزن ۾ موبائيل ڊيوائسز لاءِ دستياب سرڪل ٽو سرچ فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي.
گوگل لينس تي ٻڌل اِهو فيچر تمام جلد ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ واهپيدارن کي دستياب هوندو،
نائين ٽو فائيو گوگل جي رپورٽ موجب، اِهو فيچر ڪروم بڪ تي ويب برائوزر جي يو آر ايل بار تي موجود گوگل لينس آئيڪون تي ڪلڪ ڪرڻ تي ڪم ڪندو، پر ونڊوز 11 يا ميڪ ڪمپيوٽرز تي ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪروم مينيو ۾ وڃي ” سرچ گوگل لينس “ نالي آپشن کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو.
جڏهن اِهو فيچر اوهان کي دستياب هوندو ته ڪنهن به ويب پيج جي مخصوص حصي کي سرچ ڪرڻ تي سرڪل ٽو سرچ ان کي هاءِ لائيٽ ڪري ڇڏيندو.
فلحال اِهو فيچر ڪروم 128 بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر اميد آهي ته تمام جلد اِهو فيچر سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
You might also like