اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته آءِ پي پيز جي حوالي سان هر هڪ کي خدشا آهن، وزيراعظم مسئلي جي حل لاءِ مشاورت ڪري رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته خالد مقبول صديقي ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ پي پيز جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو هو، ساڻس اڄ ٻيهر رابطو ٿيو آهي، مون وزيراعظم کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم پهريان توانائي واري وزير سان مشاورت ڪئي آهي.
محسن نقوي چيو ته آءِ پي پيز جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي رهي آهي، حڪومت ان معاملي تي ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪندي.
گهرو وزير چيو ته جڪومت مستحڪم آهي، موجودا سياسي صورتحال ۾ پريشاني واري ڪا ڳالهه ناهي، وزيراعظم ۽ سندس ٽيم ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي.
پي ٽي آءِ باني بابت سوال تي محسن نقوي چيو ته اِهو ته الله ئي ڄاڻي ٿوته هو ڪنهن سان ڳالهيون ڪندو ۽ ڪنهن سان نه.
You might also like