ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور پنهنجي گهرواري اداڪارا عاليا ڀٽ وچ ۾ عمر جي فرق بابت دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي.
اِها ڳالهه ڪنهن ڳجهي ناهي ته عاليا ڀٽ کي رنبير ڪپور ننڍپڻ کان ئي تمام گهڻو پسند هو، جنهن کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين ٻئي هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ رهيا ۽ اپريل 2022ع ۾ شادي ڪئي.
سپر اسٽار جوڙي جي عمر ۾ 11 سالن جو فرق آهي ۽ ان حوالي سان اداڪار پنهنجي ۽ عاليا جي پهرين ملاقات بابت دلچسپ تفصيل شيئر ڪيا آهن.
هڪ انٽرويو دوران رنبير ڪپور ٻڌايو ته هو جڏهن پهريون ڀيرو عاليا سان مليو هو تڏهن سندس عمر ويهه سال ۽ اداڪار جي ڄمار 9 ورهيه هئي.
رنبير ڪپور چيو ته عاليا سلڇڻي ۽ نفيس ڇوڪري آهي، مان پاڻ کي ڀاڳونڊ سمجهندو آهيان جو منهنجي شادي اهڙي ڇوڪري سان ٿي جيڪا منهنجي بهترين دوست آهي، اسان ٻئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪٻئي سان ڳالهيون ڪري سگهون ٿا، اسان جي وچ ۾ 11 سالن جو فرق آهي جيڪا هڪ کِل جوڳي ڳالهه آهي.
هن چيو ته اسان جي پهرين ملاقات هڪ فوٽو شوٽ جي سلسلي ۾ ٿي جڏهن عاليا 9 ۽ مان 20 ورهين جو هئس، مشهور فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي چائلڊ ميرج تي ٺهيل فلم ” باليڪا وڌو “ ٺاهڻ چاهي پيو جنهن ۾ مون کي ۽ عاليا کي مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻو هو.