ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر مهانگو، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي ( اوگرا ) ايل پي جي جي قيمت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پهرين آگسٽ کان ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ ٻه رپيا 27 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ ايل پي جي جي نئين قيمت 236 رپيا 99 پئسا هوندي.
ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 26 رپيا 90 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي، 11.8 ڪلو جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ٻه هزار 796 رپيا 56 پئسا ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته جولاءِ ۾ ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر جي قيمت ٻه هزار 769 رپيا 66 پئسا هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.