وقار يونس نئين عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان وقار يونس پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ڪرڪيٽ معاملن بابت صلاحڪار جي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽ معاملن جي ذميواري وقار يونس کي سونپي ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان کي پهرين اسمائنمينٽ طور بنگلاديش خلاف سيريز جا معاملا ڏسڻا پوندا.
ذريعن موجب، وقار يونس ٽيسٽ سيريز لاءِ سليڪٽرز ۽ ڪوچز سان رابطي ۾ رهندو، هو ايڊوائزر ڪرڪيٽ افيئرز طور ڪرڪيٽ جي سمورن معاملن جو ذميوار آهي، ان کانسواءِ هو نيشنل سليڪشن ڪميٽي، وائٽ بال ۽ ريڊ بال ڪوچز جا معاملا ڏسندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.