دهشتگردي ۾ ملوث 2 تنظيمون کي ڪالعدم قرار، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزارت دهشتگردي ۾ ملوث ٻن تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
گهرو کاتي طرفان گل بهادر گروپ ۽ مجيد بريگيڊ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن نو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، گهرو وزارت ٻنهي تنظمين کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي منظوري ڏني، ٻنهي پارٽين کي 2 سال تائين نگراني کانپوءِ ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونٽر ٽيرر ازم اٿارٽي( نيڪٽا ) ٻنهي پارٽين کي ڪالعدم پارٽين جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.