ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ڪرشما ڪپور شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان جي خاصييتن تان پردو کڻي ڇڏيو.
ڪرشما ڪپور جو ڳاڻيٽو بالي ووڊ جي اهڙين اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي جن ٽنهي خانز سان فلمن ۾ ڪم ڪيو، اداڪارا 1996 ۾ عامر سان سان فلم ” راجا هندوستاني“ 1997 ۾ شاهه رخ خان سان فلم ” دل تو پاگل هي“ ۽ سلمان خان سان فلم ” جڙوان “ مرڪزي هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو.
ويجهڙ ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ دوران ڪرشما ڪپور بالي ووڊ خانز سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي ۽ سندن خاصيتن بابت ويچار ونڊيا.
ڪرشما ڪپور چيو ته اسان سڀ اداڪار گڏگڏ وڏا ٿياسين پنهنجو ڪيريئر به گڏ ئي شروع ڪيو پر ٽنهي خانز جي انوکي ڳالهه اِها آهي ته سندن ڪم ڪرڻ جو انداز هڪٻئي کان بلڪل مختلف آهي ۽ ٽئي خاص شخصيت جا مالڪ آهن.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن سلمان خان جي ڳالهه ڪجي ته هو ڀوڳ مذاق وارو انسان آهي، پر ڪم دوران گهڻو سنجيدا نظر ايندو آهي.
هن چيو ته شاهه رخ خان ڏاڍو محنتي به آهي، سندس سڀ کان سٺي ڳالهه اِها آهي ته هو پنهنجي ساٿي اداڪارن کي ڊائيلاگز ۽ ڪردار بابت آگاهه ڪندو رهندو آهي.
ڪرشما ڪپور وڌيڪ چيو ته عامر خان ته واقعي مسٽر پريفڪشنسٽ آهي، ساڻس گڏ ڪم ڪندي گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو.
You might also like