اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو.
قومي اسيمبلي جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو.
اسٽينڊنگ ڪميٽي بل تي ووٽنگ ٿي جنهن ۾ بل جي حمايت ۾ اٺ ۽ مخالف ۾ چار ووٽ آيا جڏهن ته شاهده اختر ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
ووٽنگ بعد اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ڪري ورتو، ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آزاد ميمبرن جي ڪنهن به سياسي جماعت ۾ شموليت ۽ مخصوص سيٽن وارو معاملو واضح آهي.
پي ٽي آءِ جي علي محمد جو چوڻ هو ته هي نجي بل آهي بل تي قانون وارو وزير وڪالت نه ڪري، جنهن بل پيش ڪيو ان کي تشريح ڪرڻ گهرجي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ترميمي بل پيش ڪيو ويو هو، جيڪو اسپيڪر اياز صادق لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو.
بل جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت سان وابستگي جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي.
41 ميمبرن جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت روڪڻ جي تياري، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور
You might also like