ايف آءِ اي جي استدعا رد، عدالت رئوف حسن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد ) ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ رئوف حسن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪري ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن ۽ ٻين جوابدارن کي ايف آءِ اي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو .
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته ٽيڪنيڪل رپورٽ ملي آهي، سمورا جوابدار هڪٻئي سان رابطي ۾ هئا.
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته رئوف حسن ۽ ٻين جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي، رئوف حسن جي طبعيت ٺيڪ ناهي، سندس طبي معائنو ڪرايو وڃي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر رئوف حسن جي وڌيڪ پنج ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي جڏهن ته پيڪا ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت رئوف حسن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي سمورن جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.