سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز آگسٽ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
سردار سرفراز موجب، 16 کان 23 جولاءِ دوران گرمي پد 5 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو، جولاءِ ۾ ٻه چوماسي اسپيل ڪراچي تي اثرانداز ٿيا.
هن چيو ته 2 اسپيلز دوران سرجاڻي ٽائون ۾ سڀ کان وڌيڪ سئو ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته سڄي شهر ڪٿي هلڪي ڪٿي تيز برسات ٿيندي رهي.
سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ اڄ مختلف علائقن تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته رات دير سان اِهو سسٽم سنڌ مان نڪري ويندو.
چيف ميٽرلوجسٽ موجب، چار آگسٽ تي اوڀر سنڌ کان چوماسي جون تيز هوائون داخل ٿينديون جنهن سبب چار کان ڇهه آگسٽ جي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، ان دوران ڪراچي ۾ به برسات ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.