ٿر ۾کنوڻ ڪرڻ سبب 6 گهرڀاتين سميت 8 ڄڻا فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر ۾ هلڪي هلڪي برسات دوران کنوڻ وڏو نقصان پهچايو آهي، اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ اوڪراڙو ڀيل ۾ هلڪي برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جي نوجوان رميش  ڀيل، رنجيت ڀيل، وڪرم ڀيل، 40سالن جو ڀمرو ڀيل، نينگري سگنا، انيتا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 15 سالن جو تابو  ولد روپو ڀيل زخمي ٿي پيو، هوڏانهن ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ ٻنٽاري ۾ اوطاق جي مٿان کنوڻ ڪرڻ سبب چوئنري ۾ ويٺل چيلهار واسي 40 سالن جو شفيع محمد ولد جمعون مڱڻهار ٿڏي تي فوت ٿي ويو، هوڏانهن ٻي پاسي ڇاڇرو جي ڳوٺ خميسو مگريو جي ڍاڻي ڀرسان برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 11 سالن جي ٻارڙي فرزانه ڌيءُ اصغر منگريو منگريو فوت ٿي وئي. جڏهن ته مجموعي طور هڪ سئو کان وڌيڪ چوپايو مال مري چڪو آهي. هوڏانهن پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ کنوڻ واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد دور ۾ اهڙو واقعا ٿيڻ حڪمرانن جي نااهلي آهي. ٿر ايڪشن فورم پاران کنوڻ واقعن جي روڪٿام بابت حڪمرانن کي موڪليل تجويزن تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ايڏي وڏي پيماني تي انساني زندگين جو نقصان نه ٿي ها. هن چيو ته ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جي روڪڻ جو فوري حل اريسٽر ارٿ راڊون لڳائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.