شهدادڪوٽ (ن ع آ ) شھدادڪوٽ ۾ نامعلوم ھٿياربند فائرنگ ڪري سيپڪو جي لائين مين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو، 40 ورهين جو محمود وڌو پنهنجي ڳوٺ چاڪياڻي کان شهدادڪوٽ موٽر سائيڪل تي ڊيوٽي تي اچي رهيو هو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بختيار بروهي ڀرسان نامعلوم ھٿياربند کيس مٿن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال آندو ويو جتي حالت نازڪ هئڻ ڪري ڊاڪٽرن طبي امداد ڏئي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ، پر اسپتال پهچڻ کان اڳ هن جو رستي ۾ ئي دم پرواز ٿي ويو، ڊاڪٽرن موجب مقتول کي 7 گوليون لڳل هيون، ٻي پاسي مقتول جو لاش سندس اباڻي ڳوٺ چاڪياڻي آندو ويو جتي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو هو، ٻي پاسي مقتول جي جنازي ۾ سيپڪو ملازمن سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، مقتول کي سوين آلين اکين سان سندس ڳوٺ واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو،