چيف جسٽس کي قتل جون ڌمڪيون، ٽي ايل پي جو نائب امير ظهير الحسن گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ تي تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ٽي ايل پي جي نائب امير ظهير الحسن شاهه کي اوڪاڙا مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪي ڌيڻ تي لاهور جي قلعه گجر سنگهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ظهير الحسن شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس موجب، ٽي ايل پي جي 15 سئو ڪارڪنن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ، مذهبي نفرت، وڳوڙ پکيڙڻ، عدليا تي دٻاءُ وجهڻ سميت عدليا کي ڌمڪي، سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ، قانوني فرضن ۾ مداخلت جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ پير ظهير الحسن اعليٰ عدليا خلاف نفرت پکيڙي جنهن تي ٽي ايل پي نائب امير سميت 15 سئو ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.