” زندگي ۾ ڪنهن سان ائين نه ٿئي“ اورشي روٽيلا ليڪ وڊيو تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا پنهنجي اڻوڻدڙ ويڊيو ليڪ تي نيٽ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا جي تڪراري وڊيو ڪِلپ سامهون آئي هئي جنهن بابت سوشل ميڊيا تي افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته اِها ڪلپ اُروشي جي نئين ايندڙ فلم جو هڪ سين آهي جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن وڊيو ڪلب کي مشهوري جو طريقو ته ڪجهه ڊيپ فيڪ قرار ڏنو هو .
ان ڏس ۾ اداڪارا باظابطا طور ڪنهن به قسم جو بيان جاري نه ڪيو پر هڪ آڊيو ڪلپ ضرور سامهون آئي هئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مئنيجر تي ڪاوڙ ڪري رهي هئي پر هاڻ اروشي جو ردعمل مان محسوس ٿئي ٿوته سندس وائرل آڊيو به فيڪ هئي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن سندس وڊيو سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي هئي تڏهن هوءَ گهڻي پريشان ٿي وئي هئي.
اروشي چيو ته اِها وڊيو سندس ذاتي نه هئي پر اِهو هڪ فلمي منظر هو، ساڻس ڪڏهن به ائين ناهي ٿيو ۽ سندس خواهش آهي ته ڪنهن به عورت سان زندگي ۾ ائين نه ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.