حڪومت پاران چيف جسٽس کي قتل جي ڌمڪين جو نوٽيس، سخت ڪارروائي جو فيصلو

حڪومت پاران چيف جسٽس کي نشانو بڻائڻ ۽ سندس قتل جي فتويٰ تي سخت نوٽيس جو اعلان
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف قتل جي فتويٰ تي سخت ايڪشن وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال ۽ خواجا آصف چيو ته چيف جسٽس جي قتل جي فتويٰ ڏيڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به اهڙي قسم جي شرپسندي جي اجازت نه ڏني ويندي.
خواجا آصف چيو ته پاڪستان مذهب جي نالي تي رتوڇاڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ ان معاملي تي پنهنجي فيصلي جي وضاحت ڪري چڪي آهي ۽ پر پوءِ به پروپيگنڊا جاري آهي، رياست ڪنهن به صورت تي قتل جي فتويٰ جاري جي اجازت نه ڏيندي.
بچاءَ واري وزير چيو ته سياسي ۽ ٻين مفادن لاءِ سوشل ميڊيا تي عوام کي قتل تي ورغلائيندڙ پوسٽون شيئر ڪيون پيون وڃن، رياست ان معاملي تي ايڪشن وٺندي ۽ قانون پوري طاقت سان حرڪت ۾ ايندو. قاضي فائز عيسيٰ کي ڪيئي سالن کان نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اِها عداليا ۾ حق جي آواز کي خاموش ڪرائڻ جو ڪوشش آهي.
ان موقعي تي رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چيف جسٽس جي قتل بابت سوچڻ پاڪستان جي آئين ۽ دين سان بغاوت آهي، چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏيڻ جي مذمت ڪيون ٿا، ڌمڪيون ڏيندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن وڌيڪ چيو ته ان طبقي کي 2017 ۾ سياسي ايجنڊا تحت آندو ويو، قانون موجود آهي ته ڪنهن فرد کي فتويٰ جاري ڪرڻ جو حق ناهي، سزا ۽ جزا جو اختيار رڳو عدليا وٽ هوندو آهي، ڪنهن شخص، جٿي يا گروهه کي حق حاصل ناهي ته هو ڪنهن جي ايمان جو فيصلو ڪري.
احسن اقبال وڌيڪ چيو ته مذهبي عالمن کي درخواست آهي ته اڳتي وڌو ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪريو، غير آئيني ۽ غير اسلامي قدمن خلاف ترت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
ٻئي پاسي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ تي تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ٽي ايل پي جي نائب امير ظهير الحسن شاهه کي اوڪاڙا مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪي ڌيڻ تي لاهور جي قلعه گجر سنگهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي فرياد تي تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي نائب امير ظهير الحسن شاهه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
پوليس موجب، ٽي ايل پي جي 15 سئو ڪارڪنن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ، مذهبي نفرت، وڳوڙ پکيڙڻ، عدليا تي دٻاءُ وجهڻ سميت عدليا کي ڌمڪي، سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ، قانوني فرضن ۾ مداخلت جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ۾ پير ظهير الحسن اعليٰ عدليا خلاف نفرت پکيڙي جنهن تي ٽي ايل پي نائب امير سميت 15 سئو ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.