ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي، ڊجيٽل آدمشماري، پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ، سنڌ جون زمينون مخصوص ڪمپني حوالي ڪرڻ ۽ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي وئي، رپورٽ مطابق نوابشاهھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ترقي پسند ھائوس کان ٻڍل مگسي، ڏاڏو عثمان ٻگھيو، حسين ڪيريو،گل انقلابي شاھنواز ڪيريو، سليم مگسي، خالد راھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مختلف پروجيڪٽ ۽ پروگرامن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي والار بند ڪئي وڃي، سنڌ مان پاڻي جي کوٽ ختم ڪري وڌيڪ ڪينال ٺاھڻ جا منصوبا ختم ڪيا وڃن. خيرپور ۾ ضلعي صدر سعيد احمد جتوئي، ولي محمد مستوئي، لال ڏنو سولنگي، شوڪت سولنگي، بابر مستوئي، سڪندر خالدي ۽ طفيل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ سياسي ڪارڪنن توڙين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينن جي مختلف پراجيڪٽس جي نالي تي والار بند ڪئي وڃي. بدين ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن شاهنواز سيال، راجا خواجا اسلم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قاضيه واھه پل کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، ٺٽي ۾ ناٿو بروھي، جميل سمون، راجو قريشي، عبدالحڪيم بروھي، شاھنواز خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھه جو گشت ڪرڻ بعد ٻيھر پريس ڪلب اڳيان پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، مظاھري ۾ شامل ڪارڪنن جي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جھنڊا کنيل ھئا. ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ڪارڪنن ڦليلي روڊ تي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ، سنڌ دشمن منصوبن پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، ٽنڊوالھيار ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ايس ٽي پي ٽنڊوالھيار پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي وئي. محبوب سمون . مير محمد پتافي . عبدالمالڪ دائوداڻي . امداد ناريجو جي اڳواڻي ۾ نصرپور روڊ ايس ٽي پي ھائوس کان ٽنڊوالھيار پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا ٿي رھيا آھن، سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪري ڪارسر جي ڪٽائي ڪئي ٿي وڃي پر ڪير ڪڇڻ وارو ناھي. اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ايس ٽي پي پنھنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻي ٿي. جيڪب آباد ۾ ضلعي آفيس کان نظام مستوئي، عبدالنبي مگسي عمر سولنگي عبدالغفور ٿھيم جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪندي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻو هنيو ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڄامشورو ۾ ايس پي ٽي اڳواڻن منٺار علي ڇڇر يونس اوٺو مبين تيوڻو مدثر عباسي ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ شھر جي مک چوڪ کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. دادو ۾ اڳواڻن پير گنبل، عبدالحميد سومرو، امام الدين پنهور، شھباز ملڪ، اعجاز شاھه، امام بخش پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سانگهڙ ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر علي ڏنو خاصخيلي، شاھنواز نائچ، جبار جوڻيجو، احسان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بچو بادشاھه چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ، ريلي دوران ڊجيٽل آدمشماري نامنظور پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو جا نعرا ھنيا ويا. خيرپور ۾ ضلعي صدر سعيد احمد جتوئي، ولي محمد مستوئي، لال ڏنو سولنگي، شوڪت سولنگي، بابر مستوئي، سڪندر خالدي ۽ طفيل ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. جنھن ۾ سياسي ڪارڪنن توڙين شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاھرين سخت نعريبازي ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينن جي مختلف پراجيڪٽس جي نالي تي والار بند ڪئي وڃي.قمبر ۾ به ايس ٽي پي طرفان موٽر سائيڪل ريلي ڪڍي وئي. ريلي نورنگ واھ کان نڪتي جيڪا شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪندي پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ﷲ بخش جاگيراڻي ،محمد عالم نوناري، عبدالغفار عمراڻي، ارباب جويو ۽ ٻين ريلي سان خطاب ڪيو. ايس ٽي پي ضلعي مٽياري جي صدر عبدالفتاح ڳاھوٽي، نائب صدر عبدالحڪيم نوحپوٽو . جنرل سيڪريٽري حاجي موسا لڙڪو . عبدالله ملاح ۽ تعلقي مٽياري جي صدر آصف لڙڪو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ميرپورخاص ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن عبدالڪريم، نظير ڪيريو، پرويز نوحاڻي، اسلم مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. نوشھروفيروز ۾ ضلعي صدر اصغر علي ڀرٽ، اصغر بليدي، تعلقي صدر اسد چانڊيو، عتيق الرحمان وسطڙو، يونس چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن سميت سنڌ جي زمينن جو سودو ڪري ڇڏيو آھي، لکين ايڪڙ زمين ترقي جي نالي تي ڪمپني حوالي ڪئي پئي وڃي جيڪو فيصلو سنڌ جو ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. ھنن چيو ته ڪارونجھر ۽ کارسر جبل سنڌ جي ثقافت آھن، جنھن جي ڪٽائي خلاف سنڌ جو ماڻھو مزاحمت ڪندو. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آھي جيڪا 3 سالن ۾ معصوم پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرائي سگھي آھي، حڪومت ڌاڙيلن آڏو بيوس بڻيل آھي. ھنن چيو ته ميرپور ماٿيلي جي سينيئر صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث سردارن ۽ ڀوتارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين سخت سزائون ڏنيون وڃن