ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي ڊيفنس خيابان نشاط ۾ بگٽي خاندان جي ٻن گروپن وچ ۾ خوفناڪ خوني هٿياربند تڪرار جي واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سائوٿ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. درخشان ٿاڻي جي حد ڊفينس فيز 6 ۾ خميس جي رات خيابان نشاط بگٽي خاندان جي 2 گروپن ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي واقعي تي ڪاميٽي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. ايس ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ عبدالرحيم شيرازي جي سربراهي ۾ ڪميٽي ميمبرن ۾ ايس ايس پي سائوٿ ساجد امير سدوزئي، ايس پي ڪلفٽن عزير احمد، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن، ايس ايڇ او، ايس آءِ او ۽ جاچ آفيسر شامل آهن. 25 جولاءِ جي رات ۾ بگٽي قبيلي جي سردار سميت 5 ڄڻا مارجي ويا هئا. واقعي کانپوءِ پوليس سردار علي حيدر بگٽي ۽ سندس ملازم قائم علي کي اسپتال مان گرفتار ڪري ورتو. هٿياربندن جي حملي ۾ ملوث 8 کان 9 جوابدار فرار آهن جن جي ڳولا جاري آهي، رابطا ڪميٽي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت اختيارين کي آگاهه ڪندي. ڪميٽي کي جاچ دوران ڪنهن آفيسر کي خدمتون وٺڻ حاصل ڪرڻ جو به اختيار هوندو.