گوجرانوالا (م ڊ) گوجرانوالا ۾ عورت بجلي جي بل کان تنگ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي. جنهن ۾ عورت کي واهه ۾ ٽپو ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. آخري اطلاعن تائين عورت جي لاش جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري هو. وارثن موجب رضيه بي بي بجليءَ جو بل جمع ڪرائڻ بعد خودڪشي ڪئي. وارثن ٻڌايو ته رضيه بي بي بيمار هئي ۽ سندس علاج هلي رهيو هو، گهر ۾ جيڪي پئسا هئس، ان جو هن بجلي جو بل جمع ڪرايو. پوليس موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.