اسلام آباد(مبشر بخاري+پي جي مير+مبشر لقمان) ڳرن بجلي بلن سبب ملڪ ۾ هر خاص ۽ عام پريشان، وڏي عوامي تحريڪ هلڻ جو ماحول بڻجي ويو،آءِ پي پيز جي معاملي تي طاقتور حلقا به سرگرم ٿي ويا، ڪاروباري ادارن جو به نجي بجلي گهرن مان جند ڇڏائڻ لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌي ويو،سوال اهو اٿي رهيو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز سان استحصالي معاهدن تي نظرثاني ڇو نٿي ڪري؟ اڳوڻي توانائي واري وزير گوهر اعجاز جي ڪيل انڪشافن کانپوءِ ملڪ ۾ آءِ پي پيز خلاف ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي،بجلي نه ٺاهڻ باوجود آءِ پي پيز کي ڪيپسٽي ادائيگين جي مد ۾ اربين رپين جون ادائيگيون جاري آهن،عوام کي رليف نه مليو ته وڏو ممڻ مچي سگهي ٿو،حڪومتي پاليسين سبب مڊل ڪلاس ختم ٿي ويو،آگسٽ ۾ بجلي في يونٽ ۾ 7 رپيا 13 پئسا واڌ ڪرڻ جون تياريون به هلي رهيون آهن،آءِ پي پيز خلاف فارنزڪ آڊٽ ان ڪري نه پئي ٿئي ڇو ته 1994ع ۾ ٿيل معاهدا ڪڪ بيڪس وٺڻ کانپوءِ ڪيا ويا هئا،آءِ پي پي مافيا جي ڪري ملڪ ۾ سستي بجلي ٺهڻ به بند ٿي وئي آهي،هر مهيني کين 1.25 ارب رپيا ملي رهيا آهن، نگران دور ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن جي به ڪنهن جاچ ناهي ڪئي،سينيٽ چيئرمين ڏانهن به اهو معاملو التوا رٿ جي صورت ۾ ويو آهي پر اتي به ان تي بحث ناهي ٿي سگهيو،آءِ پي پيز خلاف جماعت اسلامي، عوام پاڪستان پارٽي،پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ ميدان ۾ نڪري پيون آهن،جماعت اسلامي عوامي امنگن جي ترجماني ڪري ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻي رهي آهي،بجلي بلن سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن، عام ماڻهو خودڪشين تي مجبور آهن،فوج،ججن،سياستدانن ۽ ڪامورن جون مراعتون ختم ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي ويو آهي،
اسلام آباد(تجزيو: رئوف ڪلاسرا) آءِ پي پيز جو عذاب ملڪ تي ڪنهن نازل ڪيو؟ سستي بجلي جي ذريعي ڊيمن خلاف ڪنهن ماحول بڻايو؟ قطر سان ايل اين جي معاهدن ۽ گئس تي بجلي ٺاهڻ واري ڏنل لالي پاپ سان ڇا بجلي سستي ٿي وئي؟ ايل اين جي گئس لاءِ ڊالر ۾ ادائيگي ٿئي ٿي،اصل ۾ 1994ع ۾ پ پ حڪومت ۾ ئي آءِ پي پيز جو ڏمر ملڪ تي نازل ڪيو ويو،انهن سان ڊالرن ۾ معاهدا ڪيا ويا، انهن معاهدن جي نتيجي ۾ اهو ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن آءِ پي پي سان 600 ميگاواٽ جو معاهدو ٿيو ۽ اهو 200 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي ته ان کي ادائيگي 600 ميگاواٽ جي ڪئي پئي وڃي،100کان وڌيڪ آءِ پي پيز لڳايا ويا آهن، هن ملڪ ۾ ڪنهن شمسي توانائي ڏانهن ڌيان ناهي ڏنو،ان جو سبب اهو آهي ته آءِ پي پيز حڪومتن ۾ ويٺل ماڻهن جا لڳايل آهن، ڪوئلي جا پاور پلانٽ لڳائيندڙ به حڪمران جماعتن جا ماڻهو ملندا،عوام کي بري طريقي سان لٽيو پيو وڃي، گهرو بجلي يونٽ 60 رپيا ۽ ڪمرشل 80 رپيا يونٽ ڪري ملڪ جي تباهي جو بنياد وڌو ويو آهي،اهي معاهدا ختم ڪرڻ بدران حڪومت وڌيڪ انهن ۾و اڌ ڪري رهي آهي،حڪومت عوام کي ڊيڄاري رهي آهي ته اهي معاهدا ختم ڪيا ته عالمي عدالتن ۾ ڳرا ڏنڊ پوندا ۽ سيڙپڪاري تي به اثر پوندا، 40 کان وڌيڪ آءِ پي پيز جا مالڪ سياستدان ۽ حڪمران اشرافيه سان تعلق رکن ٿا،حڪومت انهن جي پرفارمنس آڊٽ ٿيڻ نٿي ڏئي، ڪاموراشاهي به ان ڌاڙي ۾ حڪمرانن سان شريڪ جرم آهي،آءِ پي پيز بابت هڪ رپورٽ عمران خان جي دور ۾ به ٺاهي وئي هئي اها به اڳوڻي توانائي بابت صلاحڪار نديم بابر جي ”مهربانين“ سان منظرعام تي نه اچي سگهي ڇو ته نديم بابر جو به پنهنجو آءِ پي پي پلانٽ لڳل هو،حڪومت في الحال ته اهو معاملو نظرانداز ڪري رهي آهي پر عوام جو صبر هاڻي جواب ڏئي رهيو آهي، جماعت اسلامي جي احتجاج کي سٺي موٽ ملي رهي آهي، اهي معاهدا نوازشريف،آصف زرداري،شهبازشريف جي ڳچي ۾ پئجي سگهن ٿا.
نوٽ: هي تجزيا، روزاني عوامي آواز، 29 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيا