پاڪستان ھن وقت تاريخ جي بدترين سياسي،معاشي ۽ انتظامي بحران مان گذري رھيو آھي.اقتدار ۾ ويٺل سياسي جماعتون اقتدار ھٿ مان ويندو ڏسي ڪري بي وسي ۽ خوف جي تصوير بڻجي ويون آھن،انھن جماعتن کي اھو احساس اڳ کان ئي ھو تھ عوام ۾ پنھنجي ساک ۽ حمايت کي لڳاتار وڃائي رھيون آھن.پاڪستان جي ڪجهھ صحافي اھا بھ دعويٰ ڪن ٿا تھ اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جا ڪجهھ اھم فرد نجي محفلن ۾ ان ڳالھھ جو اعتراف ڪن ٿا تھ ھنن جو تحريڪ انصاف خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو درست نھ ھو ۽ اپريل 2022 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي بعد تحريڪ انصاف نھ رڳو پنھنجي ڪرندڙ ساک بحال ڪئي بلڪ اھا سڄي ملڪ جي عوام جي وڌيڪ مقبول جماعت بڻجندي وئي ۽ اھو سلسلو اڃان پڻ جاري آھي.
ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ خراب حڪمراني جي نتيجي ۾ مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم تي وڌيڪ منفي اثر ٿيا ۽ اھي مسلسل عوامي حمايت کان محروم ٿينديون ويون، جنھن جو ھڪ سبب ھي بھ ھو تھ عوام کي مھانگائي، بجلي جي ڳرن بلن ۽ صحت جي سھولتن ۾ کوٽ کي منھن ڏيڻو پيو. صنعتي ۽ واپاري سرگرميون گھٽجي ويون، عالمي سطح تي بھ حڪومت کي ڪا خاص پذيرائي نھ ملي خاص ڪري ھن سال فيبروري جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي کي دنيا جي ميديا وائکو ڪري ڇڏيو ۽ ھاڻوڪي حڪومت جي اھم فردن دنيا جي طاقتور ملڪن ۾ سٺي نظر سان نھ ڏٺو پيو وڃي گڏيل قومن، آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا طرفان باني تحريڪ انصاف جي آزادي ۽ فيبروري جي چونڊن جي تحقيق جا مطالبا ڪيا ويا.
ان جو ھڪ ٻيو پاسو ھي بھ آھي تھ جڏھن کان سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي سياسي جماعت تسليم ڪندي ان کي مخصوص سيٽن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي ان بعد ملڪ جو سياسي منظر تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي ۽ ميڊيا ۾ ھن حڪومت جي خاتمي جا اشارا اعلانيھ ڏنا پيا وڃن،ملڪ جي اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جي ناڪامي جي سببن جا ڪيترن ئي عنصرن ۾ ٽي ھي اھم بھ شامل آھن،مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي جديد دنيا جي گھرجن کان ھم آھنگ نھ آھن خاص ڪري طاقتور سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ گھڻو پوئتي آھن،جڏھن تھ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جي اتحاد کي سنڌ جي شھري علائقن مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آھي ۽ ايم ڪيو ايم عوامي سطح تي گھڻو ڪمزور ٿي چڪي آھي.
ٽئي جماعتون پنھنجي نظرياتي پروگرام کي پوئتي ڇڏي ڪري گروھي ۽ ذاتي مفادن کي اوليت ڏني آھي.جنھن ڪري اھي عوامي ڀلائي جي پروگرامن کان گھڻو پري ٿي ويون آھن ۽ ان دوران تحريڪ انصاف جي وڌيندڙ عوامي طاقت کان خوفزردھ ٿي ڪري ھڪ ٻئي جو سھارو ڳولي رھيون آھن يا غير سياسي قوتن جي ڇٽي ھيٺ رھن ۾ ئي پنھنجي بقا سمجھن رھيون آھن.جنھن ڪري اھي پنھنجي ڪارڪنن کي بھ پاڻ کان پري ڪري رھيون آھن ۽ انھن جا ڪارڪن انھن کان تعلق ٽوڙي رھيا آھن يا وري ٻين جماعتن ۾ شامل ٿي رھيا آھن،جڏھن کان سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ، کي مخصوص سيٽن ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو آھي مسلم ليگ ن تحريڪ انصاف تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي تھ اھا پردي پٺيان طاقتور حلقن سان پنھنجا معاملا طئي ڪري اقتدار ۾ اچڻ جو رستو تيار ڪري رھي آھي،مسلم ليگ ن پاران اھڙو بيان ان ڳالھھ جو اعتراف آھي تھ اھي طاقتور حلقن جو اعتماد پڻ وڃائي چڪي آھي،جيڪڏھن ڪنھن معاملي تي پارليامينٽ ۾ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت کان پري ٿيون تھ وزيراعظم شھبازشريف وٽ مستعفي ٿيڻ کانسواءِ ڪو رستو باقي نھ بچندو.
ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ پراسرار خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي، جيئن اھي مسلم ليگ کان پري رھڻ جي ڪوشش ڪري رھيون ھجن ، سفارتي محاذن تي پڻ حڪومت مڪمل ناڪام رھي آھي. آمريڪا، چين، روس، يورپي يونين ۽ نار ملڪن کان حڪومت کي ڪا بھ وڏي حمايت نھ ملي رھي آھي.نھ ئي سرمائيڪاري جي لاءِ ڪنھن قسم جو سھڪار ملي سگھيو آھي ۽ آءِ ايم ايف جو معاھدو پڻ اھڙن سخت شرطن سان سامھون آيو آھي جنھن جو بار سڌي ريت عوام جي مٿان پيو آھي،مھانگائي ۽ بجلي جي ڳرن بلن عوام جي زندگيءَ کي دوزخ بنائي ڇڏيو آھي تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو ھڪ سبب عمران خان جو قيد ۾ ھجڻ ۽ ان جماعت خلاف پوليس فورس جو ناانصافي سان استعمال پڻ آھي.عوام جي نظر ۾ پي ٽي آءِ ظلم جو شڪار ۽ ظلم جو مقابلو ڪندڙ قوت بڻجي سامھون آئي آھي ۽ ھاڻي تائين مسلسل عوام جون ھمدرديون حاصل ڪندي پئي وڃي جنھن جو کليل ثبوت فيبروري جون عام چونڊون ھيون جنھن ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون. ڇاپا، تحريڪ انصاف مٿان غيراعلانيھ پابندي، اميدوارن کي آزاد حيثيت سان حصي وٺڻ تي مجبور ڪرڻ جھڙا قدم، انھن جي اميدوارن کي جوتن .واڱڻ، کٽ سميت عجيب وغريب چونڊ نشان جاري ڪرڻ عمران خان کي ٽن ڪيسن منجھان چونڊن کان ڪجهھ ڏينھن اڳ ٻن ڪيسن ۾ مجموعي طور تي چوويھھ سال قيد جي سزا ٻڌائڻ بھ شامل ھو.ان موقعي تي ڪجهھ پابندين باوجود پي ٽي آءِ،پنھنجي اميدوارن کي آزاد حيثيت ۾ ميدان ۾ لاٿو ۽ جڏھن نتيجا اچڻ شروع ٿيا تھ پي ٽي آءِ جا اميدوار وڏي اڪثريت سان کٽي رھيا ھئا جنھن بعد اوچتورات جو يارھين وڳي نتيجن جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جيڪي نتيجا رات جو ٻارھين وڳي تائين آيا ھئا اھي ٽئين ڏينھن وڃي ڪري مڪمل ٿيا.انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي ريٽرنگ آفيسرن حڪمران جماعتن جي جن اميدوارن کي فارم 47 جاري ڪري ڪامياب قرار ڏنو ھو انھن جي ڳڻپ فارم 45 جي مجموعي ڳڻپ کان مختلف ھئي،جنھن کي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پيزائيڊنگ آفيسرن جاري ڪيو ھو ۽ صحيح ڪيل نقل سمورين سياسي جماعتن جي ايجنٽن کي ڏنا ويا ھئا، پي ٽي آءِ دعويٰ ڪئي تھ ان 180 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي.خود مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيوايم جي ميمبرن ڳري اڪثريت ۽ ڪراچيءَ مان کٽيل پ پ پ جي ميمبرن اميدوارن پنھنجا فارم 45 منظر عام تي نھ آڻي سگھيا جڏهن ته حڪومت جي ميمبرن جيڪي حقيقت ۾ کٽيو ئي نھ هو اھي پنھنجا فرام 45 منظرعام تي آڻڻ جي لاءِ ھميشھ لاءِ تيار رھندا ھئا ۽ پي ٽي آءِ پڻ انھن ئي جعلي فارم 47 تي ڪامياب ھئڻ جا طعنا نٿي ڏئي پر اھڙن ميمبرن جو تعداد بنهھ گھٽ آھي.
بنا اشتھاري مھم،جلسن جلوسن ڪارنرميٽنگز،پوسٽرن،بينرز ۽ مختلف پابندين تي ٻڌل سوشل ميڊيا جي سھاري ھلايل چونڊن واري مھم جا نتيجا انتھائي حيران ڪندڙ ھئا ۽ ان سان واضح ٿي رھيو ھو تھ حڪومت جي ڪارراوئين جو منفي اثر ٿيو اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل چونڊ نتيجن تي عالمي ابلاغي ذريعن ۾ زبردست تنقيد ٿي سموري دنيا جي ملڪن ۾ ان تي تننقيد جا گھرا اثر ٿيا پاڪستان جي مخصوص جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري وڏين عالمي طاقتن جي ان م دلچسپي فطري آھي. ڇاڪاڻ جو ھڪ وڏي سرحد افغانستان، ھندستان، ايران ۽ چين سان پاڪستان کي ملائي ٿي، انڪري عالمي سطح تي پاڪستان جو عدم استحڪام سرحد سان ڳنڍيل ملڪن ۽ ھن خطي ۾ ڪنھن جنگ جو خطرو پئدا ڪري سگھي ٿو.ان ڳالهھ جا اشارا سامھون اچي رھيا آھن تھ دنيا جا اھم ملڪ پاڪستان ۾ استحڪام تي زور ڏئي رھيا آھن.پاڪستان جي سياسي منظرنامي ۾ تبديلي جو ھڪ سبب ھي بھ ٿي سگھي ٿو تھ پاڪستان جمھوريت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي ذريعي ئي مستحڪم ٿي سگھي ٿو.