جھڙي طرح سائنس ترقي ڪندي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي آھي بلڪل اھڙي رفتار سان اسان جي معاشري مان احساس جي موڪلاڻي ٿيندي پئي وڃي جڏهن معاشري مان احساس موڪلائي وڃي ته نفرتون جنم وٺنديون آهن، جنھن جي ڏسڻ ٻڌڻ يا پڙهڻ سان لڱ ڪانڊاجي ويندا آهن.
مثال طور تي ڦرلٽ چوريون قتل وغارت خودڪشي جھيڙا فساد وڌڻ شروع ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري معاشري مان احساس سان گڏ محبتن جي موڪلاڻي ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري ھر ھنڌ نفرتن جي بازار گرم لڳي پئي ھوندي آهي احساس جي کوٽ سبب معاشري اندر پڻ اھڙا واقعا نروار ٿيندا آهن اسان جي معاشري ۾ پڻ اھڙا واقعا ڄڻ روز جو معمول بڻيل آهن جنهن جا ڪافي مثال ڏئي سگھجن ٿا جيئن ڪجھه ڏينھن سانگهڙ ۾ ھڪ وحشي انسان بي زبان جانور اُٺ جون ٽنگون وڍي کيس معذور ڪري ڇڏيو ھو ان کان علاوه ٿرپارڪر ۾ پڻ ساڳيو واقعو رونما ٿيو ھو ان سان گڏوگڏ ھلندڙ ھفتي نوشهروفيروز ۾ سڳي پيءُ ۽ چاچن پاران نياڻي صوبيه بتول تي تشدد ڪيو آھي اھڙي ڪٺور دل رکندڙ ظالم پيءُ کي رحم نه آيو ته ڪنھن تي تشدد ڪري رھيو آھيان جنھن گلن جھڙي نياڻي کي ننڍپڻ کان ناز نخرن سان پالي وڏو ڪيو اڄ ان نياڻي تي بيرحماڻو تشدد ڪري کيس معاشري اندر کيس داغدار بڻائي رھيو آھيان گھڙي پل جي لاءِ ظالم پيءُ کي پنھنجي نياڻي جي دانھن ڪوڪن رڙين تي کيس سيني سان لڳائي ھا ته ڇا ٿي پئي ھا پر حقيقت ۾ وحشي صفت انسان جڏھن ظلم ڪرڻ لڳندو آھي ته کيس پٽ ڌيءُ گھرواريءَ جھڙا ويجھا رشتا ڏسڻ ۾ نه ايندا آھن ان جي اکين تي پردو اچي ويندو آھي.
حقيقت ۾ نوشهرو فيروز واقعي انسان ذات کي لڄائي ڇڏيو آھي عزتدار ماڻھن جا شرم کان ڪنڌ جھڪي ويا آھن ته معاشري اندر ھي ڇا ٿي رھيو آھي ھي معاشرو ڪيڏو نه بيحس بگھڙن جو ڏيک ڏئي رهيو آھي ته انسان ذات کي ڇا ٿي ويو آھي جيڪي جانورن سان گڏ انسانن کي ماري رھيا آھن ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهھ آھي ته سڳي پيءُ ۽ چاچن رات جي اونداهي ۾ چورن وانگي لڪي لڪي بيگناھ نياڻي تي ڪھاڙين توڙي ڏنڊن جا وار ڪري کيس ھلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻائي کيس عبرتناڪ تشدد ڪيو ويو آھي سندس ڏوھ صرف اِھو ھو ته پنھنجي مڙس کان عزت سان زندگي گذارڻ لاءِ عدالت عظمي جو دروازو کڙڪايو جيڪو وڏو مسئلو ناھي جيڪڏهن ھر مرد آزاد زندگي گذارڻ جو حق رکي ٿو ته عورت کي آزاد زندگي گذارڻ جو ڇو حق ناھي اُھا به مرد جيان پوري طرح زندگي گذارڻ جو حق رکي ٿي جيڪا ڳالهھ ان جي پيءُ چاچن کي دل تي تير جيان گذري جنھن سبب کيس ھميشھ جي لاءِ چارديواري اندر قيد ڪرڻ لاءِ اھڙي ڪاھ ڪئي وئي جنھن ۾ کيس سخت تشدد ڪيو ويو جنھن سبب نوشهروفيروز پوليس کيس زخمي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال پھچايو. ٻئي پاسي شرپسند ماڻھو ان واقعي کي غلط رنگ ڏئي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن جيڪو ھڪ انسان ذات نياڻي سان ھمدردي گھٽ پر کيس معاشري اندر رسوا ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي