سياسي جماعتون غير سياسي عمل کان پاسو ڪن

تحرير: اعجاز احمد ڀيو

پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري اڪثريتي عدالتي فيصلي کان پوءِ حڪومتي صفن ۾ پريشانيءَ واري لهر ڇانيل آھي ڇاڪاڻ ته مخصوص سيٽون ملڻ کان بعد پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ هڪ اڪثريتي جماعت طور اُڀري آئي آھي، جيڪا ڳالهه  اتحادين کان برداشت ڪو نه پئي ٿئي تنهن ڪري ڪُجهھ ڏينهنن کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اڳواڻن تي غداريءَ جا ڪيس هلائي، پارٽيءَ تي پابندي مڙھڻ واريون ڳالهيون به ملڪ ۾ هلندڙ آھن. جنهن تي پ پ پ سميت سموريون اتحادي جماعتون حڪومت جي اھڙي فيصلي تي سهمت آھن.

ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ کان چونڊ نشان کسڻ ۽ اُميدوارن کي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙھڻ ۽  مخصوص سيٽون  نه ڏيڻ وارا فيصلا پي ٽي آءِ کي سياسي طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ اُن جي سياسي رستاروڪ لاءِ ئي ڏنا ويا ھئا پر انهن فيصلن جا نتيجا اُبتڙ پي ٽي آءِ جي ئي حق ۾ نڪتا.سياسي رستا روڪ ۽ حڪومتي مشينريءَ جي استعمال باوجود به پي ٽي آءِ چونڊن ۾  تمام سُٺو پرفارم ڪيو ۽ سڀئي تجزيا ۽ سياسي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون. هاڻي اتحادي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙو ئي پي ٽي آءِ تي پابندي مڙھڻ وارو غير سياسي ۽ غير جمهوري فيصلو ڪري رهي آھي، جنهن جا نتيجا پڻ ظاهري طور تي پي ٽي آءِ جي حق ۾ ئي ايندا ڇو ته اهو فيصلو به ساڳين ئي ماضي واري فيصلن جو تسلسل آهي.

ان ڳالهھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 8 فيبروريءَ واري عام چونڊن  ۾ عوام سڀ کان وڌيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو آھي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ئي هن وقت اڪثريتي پارلياماني جماعت آھي. جنهن تي پابندي مڙھڻ جو سڌو سنئون مطلب اهو ئي ٿو نڪري ته  عوام جي حمايت يافته ۽ نمائنده جماعت کي هٿ وٺي سائيڊلائين ڪيو پيو وڃي. ڇا اهو هڪ سياسي ۽ جمهوري عمل آھي؟ بلڪل به نه.

ملڪي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته اسان وٽ سياسي جماعتون صرف نالي جون سياسي ۽ جمهوري  جماعتون آھن باقي اُنهن جا عمل ۽ فيصلا هميشه کان وٺي غير سياسي ۽ غير جمهوري رهندا پيا اچن. شيخ مُجيب رحمان جي عوامي ليگ کان وٺي  عمران خان جي تحريڪ انصاف تائين اسان جي سياسي تاريخ  هتان جي نالي ماتر  سياسي ۽ جمهوري  جماعتن جي  غيرسياسي ۽ غير جمهوري هجڻ جو واضع ثُبوت ڏيندي پئي اچي.

ملڪ ۾ جمهوريت جي اَڻاٺ ۽ سياسي اڳواڻن جي غير سياسي قوتن آڏو بي حسي جو به اھم سبب  اسان جون اِھي نالي ماتر  سياسي ۽ جمهوري جماعتون ئي آھن جيڪي نظرين ۽ منشور بدران مخالف جماعتن کي انتقامي سياسي ڪارروائين ۽ سياسي رستا روڪ جي ذريعي شڪست ڏينديون پيو اچن ۽ اسان جا سياستدانن ٽئين غير سياسي طاقت جي ذريعي رڳو  هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ ئي پورا آھن.سياستدانن جي غير سياسي روين ۽ هڪٻئي سان جهيڙي سبب ملڪ ترقي ۽ قوم خوشحال ٿي ناهي سگهي. انتقامي ڪارروائين سبب ملڪ اڳ ۾  ئي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو شڪار آھي وڌيڪ ملڪ کي سياسي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪرڻ کان بهتر آھي ته حڪومت اهڙي هوڏ تان لهي وڃي ڇو ته  اهڙي فيصلي سان حڪومت کي گهربل نتيجا ته ڪو نه ملي سگهندا پر ويتر ملڪ وڌيڪ معاشي ۽ سياسي طور ڪمزور ٿي ويندو.

هاڻي وقت اچي ويو آھي ته اسان جي سياستدانن کي ڪُجھه  پنهنجي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ذاتي مُفادن بدران قومي مفادن کي ترجيج ڏيڻ گهرجي ۽  سياسي جماعتن کي پنهنجي غير سياسي ۽ غيرجمهوري روين ۽ فيصلن تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي سياستدانن ۽ ملڪ جي ڀلائي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.