پئرس حملي ۾حماس کي ڦاسائڻ جي سازش ۽ مصنوعي ذھانت جو استعمال

فرانس ۾ جمعي واري ڏينھن ملڪ جي تيزترين ريلوي تي ٿيل حملي ۽ پکڙيل خوف بعد ان جا نوان پاسا سامھون آيا آھن،عالمي ميڊيا ۾ ان واقعي کي حماس جي ويڙھاڪن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ حماس جي هڪ ويڙهاڪ کي پيرس اولمپڪس ۾ فساد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي ڏيکاريو ويو آهي.  بي بي سي وٽ موجود ثبوت ظاھر ڪن ٿا تھ اھا وڊيو ڪلپ روسين طرفان تقريب کي خراب ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي هوندي.

26 جولاءِ  تي پيرس ۾ اولمپڪس جي افتتاحي تقريب کان ڪجهه ڏينهن اڳ ان وڊيو کي سوشل ميڊيا تي لکين ماڻهن ڏٺو هو. جنھن ۾ ھڪ ٻٽ ٻڌل شخص جنھن لاءِ چيو ٿو وڃي تھ اھو حماس جو ماڻھو آھي.ھو اسرائيل جي حمايت ڪرڻ تي فرانس جي خلاف انتقامي ڪارروائي بابت ڳالهائي رھيو آھي.وڊيو موجب ھو خبردار ڪري پيو تھ  "پيرس جي گهٽين ۾ رت جا درياهه وهندا.”وڊيو جي آخر ۾ فرانس جي جمهوري نشاني ’ميري اين‘ جي مجسمي جو مٿو رت سان  ٻڏل نظر اچي ٿو.پر  وڊيو ۾ نه رڳو ميري اين جو مٿو غيرحقيقي نظر اچي رهيو آهي پر اها وڊيو پڻ جعلي لڳي رهي آهي. وڊيو ڪلپ ۾ حماس جو ڪو به واضح حوالو نه ڏنو ويو آهي، پر صارفين جن وڊيو کي ايڪس يعني اڳوڻي ٽوئيٽر  تي شيئر ڪري ان کي حماس سان ڳنڍي ڇڏيو آھي. ٻئي پاسي حماس جي قيادت  جو چوڻ آھي تھ وڊيو ۾ ڪابه سچائي ناهي.بي بي سي ان وڊيو ڪلپ جو جائزو ورتو آهي ۽ ان جي ڀيٽ حماس پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽيليگرام تي پوسٽ ڪيل وڊيوز سان ڪئي آهي.

حماس پاران سرڪاري طور تي جاري ڪيل ڪلپ ۽ وڊيوز جي ٻولي ۽ ظاهر شڪل  ۾ ڪيترائي تضاد پڌري ٿيا آهن. ويڊيو ۾ موجود شخص جي ڳالھائڻ جو انداز ۽ لھجو فلسطيني نه آهي ۽ نھ رڳو ايترو پر ھو صحيح عربي بھ نه ڳالهائي رھيوآهي.حماس ترجمان اهڙي طرح عربي نٿا ڳالهائين. هن شخص کي ڪارو لباس پهريل آهي، جڏهن ته حماس جي فوجي ونگ القسام برگيڊ جي ترجمان جي يونيفارم مختلف آهي. وڊيو ۾ فلسطين جو جهنڊو هڪ غير معمولي جاءِ تي نظر اچي رهيو آهي. ويڙهاڪ حماس جا ترجمان اڪثر ڪري پنهنجي ٻانھن  تي فلسطيني جهنڊو ھڻن ٿا، وڊيو ۾ موجود شخص سيني تي فلسطيني جهنڊو  ھنيو آھيa.

وائرل ٿيندڙ وڊيو  گذريل سال آڪٽوبر ۾ شيئر ڪيل هڪ وڊيو جهڙي آهي. وڊيو ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته حماس جا ميمبر يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي کي هٿيارن جي فراهمي لاءِ شڪريو ادا ڪندي ڏيکاريا ويا آھن. جڏهن ته اھا ڳالھھ بھ  ڪوڙو تي ٻڌل آھي.

ماھرن موجب اها وڊيو يوڪرين خلاف روس جي پروپيگنڊا جو حصو هئي.بي بي سي آڪٽوبر 2023 جي ان وڊيو کي  تازو وائرل ٿيل وڊيو سان  ڀيٽيو، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته ٻنهي وڊيوز ۾ موجود ماڻهن جا آواز هڪجهڙا آهن، انهن جو يونيفارم به هڪ جهڙو آهي ۽ اهي وڊيوز ٺاھڻ وارا ھنڌ پڻ ساڳيا آھن.

وڊيو هيٺ ڏنل تبصرن ۾ ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي آهي ته اها وڊيو خود اسرائيل ٺاهي آهي پر انهن ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته وڊيو جنهن طريقي سان وائرل ٿي آهي ان مان لڳي ٿو ته ان جي پٺيان روس جو هٿ آهي.فرانس جي خلاف هي وڊيو پهريون ڀيرو، ايڪس تي اڪائونٽ @endzionism24 پاران شيئر ڪئي وئي آھي.

اڪائونٽ جو يوزرنيم ‘حماس فائٽر’ لکيل هو ۽ ان تي اھڙيون تصويرون پوسٽ ٿيون آھن، جيڪي مصنوعي ذهانت استعمال ڪندي ٺاهيون ويون آھن.بهرحال، هي اڪائونٽ هاڻي ايڪس پاران معطل ڪيو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته يوڪرين لاءِ فرانس جي جاري حمايت سبب روس  اولمپڪس کي نشانو بڻائڻ جي مقصد سان اھو ڪم ڪيو ھجي ائين ٿي سگھي ٿو. اهو پهريون ڀيرو ناهي ته روسين هن اونهاري جي اولمپڪ گيمز بابت افواھ پکيڙيا آهن.ڪيتريون ئي وڊيوز 2023 ۾ پڻ سامهون آيون.مائيڪرو ٿريٽ انلاسز سينٽر موجب وڊيوز ان گروپ پاران ٺاهيون آهن جيڪي روسي پروپيگنڊا جي وڊيوز  ٺاهڻ لاءِ مشهور آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.