حڪومت جو جماعت اسلامي جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو ، حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وفد وچ ۾ ڪمشنر هائوس راولپنڊي ۾ ڳالهيون ٿيون.
حڪومتي وفد جي قيادت سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ ڪئي، جماعت اسلامي جي چار رڪني وفد نائب امير لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ ڳالهين ۾ حصو ورتو.
ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته احتجاجي ڌرڻي تي حڪومت پاڻ رابطو ڪيو، حڪومتي ڪميٽي ڌرڻي ۾ آئي هئي ۽ ڳالهين جي دعوت ڏني، جماعت اسلامي جي امير حڪومت جي ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي .
هن چيو ته ڳالهين جو پهريون دور سٺي ماحول ۾ ٿيو آهي، آءِ پي پيز ڪو بين القوامي معاهدو نه آهي، آءِ پي پيز جهڙو ناسور پوري قوم لاءِ موت جو اعلان آهي، سرمائيدارن جي مفاد لاءِ عوام کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻجڻ ڏينداسين.
لياقت بلوچ چيو ته حڪومت خاطري ڪرائيندي چيو ته آهي ته معاملي تي سڀاڻي کي ٽيڪنيڪل ٽيم جوڙي ويندي، اسان جي 35 ماڻهن جي نظربندي جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، اسان حڪومت کي 35 ماڻهن جي لسٽ ڏني آهي، حڪومت سنجيدگي سان ڪم ڪندي ته پاڪستان جي عوام کي رليف ملندو.
ٻئي پاسي حڪومت طرفان جماعت اسلامي جي سمورن گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته جن حالتن ۾ حڪومت ملي اِهو سولو ڪم نه هو، حڪومت جا خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جماعت اسلامي جو بجلي جي بلن ۽ مهانگائي خلاف ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.