”بيماريءَ جي موڪل کپئي ته ست ڏينهن پهريان ٻڌائي“ ملازم ۽ مئنيجر جي چيٽ وائرل

ڀارت ۾ هڪ ڪمپني جي ملازم بيماري جي موڪل گهري جنهن تي مئنيجر طرفان اهڙو جواب ڏنو ويو جيڪو ڪنهن به نه سوچيو هو.
آفيس کان موڪل گهرڻ تي گهڻي ڀاڱي اسان کي پنهنجي باس يا مئنيجر جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن پر مئنيجر هڪ ڏينهن جي بيماري جي موڪل گهرڻ تي ملازم کي هڪ هفتو اڳ آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
موڪل جي درخواست لاءِ ملازم ۽ مئنيجر جي ميسج تي ٿيل ڳالهه ٻولهه سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ملازم اِهو چئي رهيو آهي ته هو سندس طعيت ٺيڪ نه هئڻ سبب آفيس نه اچي سگهندو.
ملازم جي ميسج جي جواب ۾ مئنيجر چيو ته بيماري جي موڪل گهرجي يا موڪل، ست ڏينهن پهريان ٻڌائڻ ضروري آهي.
ميسج جي تصوير وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان مئنيجر کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ تنقيد سان گڏوڏگ مختلف تبصرن جو سلسلو به جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.