ليجنڊري مهيش ڀٽ فلمون ٺاهڻ کان بس ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي ليجنڊري فلمساز مهيش ڀٽ چيو آهي ته موجودا دور جي حساب سان هو پراڻو ٿي چڪو آهي، انڪري هاڻي هو وڌيڪ فلمون نه ٺاهيندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پنهنجي هڪ تازي انٽرويو دوران مهيش ڀٽ چيو ته هن پنهنجي فلمي سفر دوران 50 کان وڌيڪ فلمون ٺاهيون آهن، جن ڪاميابي به ماڻي پر موجودا دور سندس حق ۾ نه آهي.
هن چيو ته ڪهاڻيون ۽ فلمون ٺاهڻ بابت سندس انداز ۽ طور طريقو پراڻو ٿي چڪو آهي، انڪري هاڻي هو پاڻ کي هدايتڪاري لاءِ مناسب نه ٿو سمجهي.
مهيش ڀٽ وڌيڪ چيو ته هو نون هدايتڪارن کي موقعو ڏئي ٿو جيڪي نئين نسل جي پسند ۽ خواهش پٽاندڙ فلمون ٺاهين ٿا….

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.