سنڌ جي آبادگارن پاران زرعي انڪم ٽيڪس ھڻڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي آبادگارن زرعي شعبو شديد خساري ۾ ھجڻ جي دانهن ڪندي، وفاقي سرڪار طرفان آءِ ايم ايف جي چوڻ تي زرعي شعبي مٿان ڳرا زرعي انڪم ٽيڪس ھڻڻ واري امڪاني فيصلي کي رد ڪندي فوري طور تي زرعي انڪم ٽيڪس  ھڻڻ وارو فيصلو کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن اهڙو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سمورين آبادگار تنظيمن سان گڏجي ملڪگير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ايوان زراعت سنڌ جو اجلاس ايوان زراعت سنڌ جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد ۾ ٿيو، جنھن جي صدارت ڪراچي مان وڊيو لنڪ وسيلي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاھه ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچي، بدين، ميرپورخاص، سانگھڙ، نوابشاھ، خيرپور ميرس، سکر، گھوٽڪي ۽ لاڙڪاڻي جي آبادگارن وڊيو لنڪ وسيلي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته اطلاع آھن ته وفاقي سرڪار طرفان آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت تي ڳرا زرعي انڪم ٽيڪس ھڻي رھي آھي، جنھن کي اسان مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اھڙو زرعي انڪم ٽيڪس لڳائڻ سان آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿيندو. ھنن چيو ته انڪم ٽيڪس آمدني تي لڳندو آھي، جڏھن زرعي انڪم ئي ناھي ته پوءِ انڪم ٽيڪس ڇا جو لڳايو ويندو. ھنن چيو ته ھن وقت زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ زرعي مشينري، ٻج، ھائبرڊ ٻج، ڀاڻ، ڊيزل سميت ھر شي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيڻ ڪري آبادگار سخت معاشي بدحالي جو شڪار ٿيل آھي. آبادگارن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن وفاقي سرڪار زبردستي زرعي انڪم ٽيڪس مڙھيو ته ملڪ جي سمورين آبادگار تنظيمن سان گڏجي سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. آبادگارن ڪپھ جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مسلسل ٽن مھينن کان 43 کان 44 گرمي پد ھئڻ ڪري ڪپھ جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رھيو آھي، جنھن سبب وونئڻن جي في ايڪڙ مان وڏي مشڪل سان 10 مڻ ڪپھ جي پيداوار ملڻ جو امڪان آھي، ڇاڪاڻ ته ڪپھ جو فصل 35 کان 36 گرمي پد کان وڌيڪ گرمي برداشت نٿو ڪري سگھي. تنهن ڪري گرمي برداشت ڪرڻ وارا ڪپهه جا ٻج متعارف نه ڪرايا ويا ته ايندڙ وقت ۾ جيڪڏھن پاڪستان ريسرچ ڪائونسل وارن گھڻي گرمي برداشت ڪرڻ وارا ڪپھ جا ٻج تيار نه ڪيا ته سنڌ مان ڪپھ جو فصل ختم ٿي ويندو.  اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي، نبي بخش سٺيو،  شاھنواز جوڻيجو، اصغر خان نوناري، خادم حسين بھراڻي، سعيد سيٺار، شاھنواز جمالي، غلام حسين چاچڙ، الطاف حسين شاھ، عبدالحليم ميمڻ سميت  ٻين آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.