ڄام اڪرام ڌاريجي جي ڀاءُ جو بينڪ آفيسر تي تشدد، عملدارن پيرين پئي معافي وٺي ڇڏي

سکر ( رپورٽ : آزاد مھر) نيشنل بئنڪ سکر جي ريجنل هيڊ فاروق احمد آرائين ۽ نيشنل بئنڪ گهوٽڪي جي اڳوڻي  مئنيجر خادم حسين سومرو  جون صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي ڀاءُ  اڳوڻي ڊي ايس پي ظفر الله خان ڌاريجو  جي پيرن ۾ ويهي  پيرن تي هٿ رکي هيٺ ويهڻ واريون تصويرون  وائرل ٿي ويون آهن. مليل خبرن موجب ريجنل هيڊ   فاروق آرائين، اڳوڻي مئنيجر خادم حسين سومرو ۽  ڄام ظفرالله خان کان وچ ۾ بئنڪ اڪائونٽ فراڊ معاملي تان اختلاف ٿيا هئا جنهن بعد ڄام ظفر الله خان ڌاريجو گارڊن سان گڏجي گهوٽڪي بئنڪ ۾ اڳوڻي مئنيجر خادم سومرو کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو هو جنهن بعد  بئنڪ عملدارن ڄام ظفرالله خان وٽ پهچي سندس  جي پيرن ۾ ويهي کائنس معافي ورتي. بينڪ عملي کي چماٽون هڻي تشدد ڪرڻ واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي ريجنل هيڊ  فاروق آرائين جي ھلندڙ آڊيو موجب سندس چوڻ آهي ته هو ڄام صاحب جي دعوت تي ويل هئا  ۽ سندن جو ڄام صاحب سان ادب احترام جو تعلق آهي جنهن ڪري هو ڄام صاحب سان احترام ڪندي اهڙي انداز ۾ مليا  ان ڪري تصويرن  کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.