پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت تعليمي ادارن جي زمين وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سرڪاري ذريعن موجب مردان ۾ باچاخان گريٽر ايجوڪيشنل ڪامپليڪس لاءِ خريد ڪيل زمين وڪرو ڪئي ويندي ۽ ايراضي مالڪن کي رقم جي ادائيگي لاءِ زمين وڪرو ڪئي ويندي.
ذريعن ٻڌايو ته ايجوڪيشنل ڪامپليڪس لاءِ خريد ڪيل زمين مان 700 ڪنال وڪرو ڪئي ويندي، اي اين پي جي حڪومت جي دور ۾ 4 هزار 800 ڪنال ايراضي مختص ڪئي وئي هئي.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته 700 ڪنال زمين وڪرو ڪرڻ سان صوبائي حڪومت کي 35 ارب رپيا ملندا، مالي ڏکيائين سبب سرڪاري زمين وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
You might also like