پئرس اولمپڪس شوٽنگ مقابلن ۾ پاڪستان جي گلفام جوزف ۽ ڪشمالا طلعت ڏهه ميٽر ايئر پسٽل مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويا.
پئرس اولمپڪس جي باظابطا مقابلن جي پهرئين ڏينهن پاڪستان جا ٻه ايٿليٽس ايڪشن ۾ نظر نظر آيا، پر ٻئي سٺي شروعات نه ڪري سگهيا، مردن جي ڏهه ميٽر ايئرپسٽل شوٽنگ ۾ گلفام جوزف ماضيءَ جو رڪارڊ برابر نه ڪري سگهيو ۽ 33 مان 22 هين نمبر تي رهيو.
ٻئي سيريز ۾ گلفام 9 ٽارگيٽ مس ڪيا ۽ رڳو 91 پوائنٽس حاصل ڪري سگهيو جنهن سبب سندس پوزيشن گهڻي متاثر ٿي، سندس مجموعي اسڪور 571 رهيو.
عورتن جي 10 ميٽر ايئر پسٽل ۾ ڪشمالا طلعت به نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري سگهي، پاڪستان جي شوٽر 6 سيريز ۾ مجموعي طور تي 567 پوائنٽس حاصل ڪيون.
ڪشمالا پهرين سيريز ۾ 93، ٻي ۾ 97، ٽئين ۾ 94 پوائنٽس حاصل ڪيون.
آخري ٽن سيريز ۾ پاڪستاني شوٽر 93، 95 ۽ 95 پوائنٽس حاصل ڪيون ۽ مجموعي طور تي هوءَ 31 هين نمبر تي رهي.
ڪشمالا ۽ گلفام جوزف 29 جولاءِ تي مڪسڊ ٽيم جي ايونٽ ۾ به شرڪت ڪندا، ان کانسواءِ ڪشمالا طلعت عورتن جي 25 ميٽر پسٽل مقابلن ۾ به حصو وٺندي.