ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) روس اسٽيل مل جي بحالي لاءِ مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ڪائونسل آن فارم ريليشن جي پاڪ روس لاڳاپن بابت تقريب ۾ روسي قونصل جنرل وڪٽرووچ شريڪ ٿيو ۽ ڳالهه ٻولهه ڪيائين.
روسي قونصل جنرل جو چوڻ هو ته پاڪستان اسٽيل مل جو قيام ٻنهي ملڪن جي سهڪار جو مثال آهي، اسٽيل مل ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ قائم ٿي.
هن چيو ته پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن سان روس ڊپلوميٽڪ ويزا تي سهڪار ڪيو، گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ 3 مختلف حڪومتون رهيون پر پاڪستان سان سفارتي لاڳاپن ۾ ڪا تبديلي نه آئي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي سربراهن پاڪستان کي فوڊ سيڪيورٽي ۾ سهڪار لاءِ به آڇ ڪئي آهي، روسي قونصل جنرل آڇ ڪئي ته اسٽيل مل جي بحالي لاءِ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومت ۽ انتظاميا طرفان سنجيدگي جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي آهي.
You might also like