حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي.
پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته اسان چئون ٿا ته اچو ويهو ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪريون ٿا.
وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي ذهن ۾ رڳو ٽي شيون آهن، پهرين ترجيح غريب جي ٻارن کي روزگار ڏيڻ آهي، ٻي مهانگائي جو بار گهٽائڻ آهي ۽ ٽئين غربت جو خاتمو ڪرڻ آهي.
هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته ڪنهن ڇا ڪيو آهي؟ اڄ تائين ڪنهن جي واتان ٻڌو آهي ته مهانگائي ڪيئن ختم ڪئي ويندي؟ ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرينڊ هلايو ويو ته ڪپتان ناهي ته پاڪستان ناهي، ملڪ دشمن عنصرن ترقي جي رستي ۾ رنڊڪون کڙيون ڪري رهيا آهن، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، عمران خان نون ليگ پي ٽي آءِ کي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.