حسن علي جا ٽيم ۾ واپسي جا امڪان گهٽجي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي فاسٽ بالر حسن علي ٺونٺ جي انجري مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو.
ذريعن موجب، حسن علي جو واروڪاشائر ڪائونٽي سان معاهدو هو. فاسٽ بالر ٺونٺ جي انجري سبب ڪائونٽس ڪرڪيٽ ۾ مڪمل ميچون نه کيڏي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حسن علي هاڻ ٺونٺ جي انجري جو مڪمل علاج ڪرائيندو، جنهن کانپوءِ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت به شڪي ٿي وئي آهي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.