راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جو بجليءَ جي واڌو اگهن، ٽيڪسز ۾ اضافي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف لياقت باغ راولپنڊي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي
جماعت جي امير حافظ نعيم ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام جي رت چوسيندڙ بجلي ڪمپنيز کي لغام ڏيڻ چاهيون ٿا، بجلي ڪمپنيز جا مالڪ نوازليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ويٺل آهن، مٿئين طبقي 99 سيڪڙو عوام کي حقن کان محروم رکيو آهي
حافظ نعيم الرحمان چيو ته بااثر مٿيون طبقو سموريون رعايتون حاصل ڪري عوام تي ظالماڻيون معاشي پاليسيون مڙهي رهيو آهي، بجلي جي اگهن ۾ لاٿ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو
You might also like