ڀيڻ ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڀاءُ ٽئين شادي جي خواهشمند ڀيڻ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، قتل جو واقعو ڪراچي جي علائق بهادر آباد ۾ پيش آيو، جتي جوابدار ٽئين شادي جي خواهش تي ڀيڻ تي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا ٽئين شادي ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، عورت جا 2 مڙس اڳ فوت ٿي ويا هئا.
پوليس موجب، مقتولا جا 2 مڙس اڳ فوت ٿي ويا هئا ۽ هاڻ هوءَ ٽئين شادي ڪرڻ چاهي پئي، ٽئين شادي جي معاملي تي ڀيڻ ڀاءُ ۾ جهيڙو ٿي پيو ڀاءُ فائرنگ ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، مقتولا جي عمر 42 سال هئي ۽ سندس 8 ٻار به آهن.
You might also like