اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) پارٽي طور چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل سان رابطو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب ۽ بئريسٽر علي ظفر ذريعي شڪايت داخل ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ شڪايت ۾ چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ وارن واقعن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اليڪشن ڪميشن اداري طور صاف شفاف چونڊن جي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي پولنگ ايجنٽس کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍيو ويو .
پي ٽي آءِ پنهنجي شڪايت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن قانون پٽاندڙ نتيجا جاري ڪرڻ ۾به ناڪام رهيو ۽ پري پول ڌانڌلي تي اکيون بند ڪري ڇڏيون.
پي ٽي آءِ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن جون پريس ڪانفرنس ۾ وفاداريون تبديل ڪرايون ويون، پي ٽي آءِ اميدوارن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا، ڪارڪنن کي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪوريج تي پابندي مڙهي وئي پر اليڪشن ڪميشن ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، پي ٽي آءِ کي چونڊ مهم هلائڻ جي به اجازت نه ڏني وئي.
سپريم جڊيشل ڪائونسل کي شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا ۽ پولنگ ايجنٽس کي فارم 45 وقت سر نه ڏنا ويا، ريٽرننگ آفيسر سياسي بنياد تي مقرر ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن نه رڳو پي ٽي آءِ کي چونڊن مان ٻاهر ڪيو ته پر مخصوص سيٽن به کسي ورتيون، اليڪشن ڪميشن تحريڪِ انصاف خلاف عدالتن ۾ باقاعدا ڌر بڻيل آهي.
پي ٽي آءِ شڪايت ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن خلاف مس ڪنڊڪٽ تي انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ الزام ثابت ٿيڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي برطرفي جي سفارش ڪئي آهي.
You might also like