ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا ۽ ماڊل مٿيرا ڊراما نگار خليل الرحمان قمر کي رات دير سان ڪنهن سان به نه ملڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو دوران اينڪر مٿيرا کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان ڪنهن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ ڪنهن سان صبح جو چئين وڳي ملڻ ويندئو؟ جنهن تي مٿيرا دلچسپ جواب ڏنو.
مٿيرا چيو ته 12 وڳي کانپوءِ ڪنهن جي پيءُ لاءِ به ناهيان نڪرندي، ڪيترو به وڏو پروجيڪٽ ڇو نه هجي، انتظار ڪري سگهان ٿي.
ماڊل خليل الرحمان قمر سان پيش آيل واقعي تي تبصرو ڪندي چيو ته هن کي پوري معاملي جي خبر ناهي ته اوهان ( خليل الرحمان ) صبح جو چئين وڳي پنهنجي گرل فرينڊ جي گهر به نٿا وڃي سگهو، اهڙو عمل بدتميزي سمجهيو ويندو آهي.
مٿيرا وڌيڪ چيوته خليل الرحمان جا شاعري پسند آهي ساڻس پيش آيل واقعي تي افسوس ٿيو، ماڻهو رڳو ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اصل معاملي جي ڪنهن ڪا خبر ناهي، پر خليل الرحمان سان جيڪو ڪجهه به ٿيو بُرو ٿيو.
You might also like