ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي مشهور فلمساز ۽ ڊانس گرو فرح خان انڪشاف ڪيو آهي ته 22 ورهين جي عمر ۾ شادي جي خواهش تي سندس ماءُ کيس گهر مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
گذريل ڏينهن فرح خان ۽ ساجد خان جي امڙ مينڪا ايراني 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن سبب گهرڀاتين سميت بالي ووڊ انڊسٽري ۾به سوڳ وارو ماحول آهي.
ان دوران فرح خان جو ماضيءَ ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو وائرل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته هوءَ شروع کان ئي work oriented رهي آهي ۽ هن فيصلو ڪيو هو ته هوءَ 22 ورهين جي عمر ۾ شادي ڪري ڇڏيندي.
فرح خان موجب، هن جڏهن اِها خواهش پنهنجي امڙ ۽ گهرڀاتين آڏو ظاهر ڪئي سڀني سندس مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن تون شادي ڪندينءَ تي توکي گهر مان ڪڍي ڇڏينداسين.
فرح خان چيو ته سندس والدين عام والدين کان بلڪل مختلف هئا، امان چوندي هئي ته شادي کان اڳ توکي مالي طور تي خودمختيار بڻجڻو پوندو.
ياد رهي ته فرح خان نوَ ڊسمبر 2004 تي فلم ميڪر شريش ڪندر سان شادي ڪئي هئي، هوءَ 2008 ۾ آءِ وي ايف ذريعي ٽن ٻارن جي ماءُ بڻي.