سعودي عرب ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيڻ تي راضي نه ٿيو!

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالرن جو قرض وٺڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي،  پاڪستان کي 20 ارب 80 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض ادا ڪرڻا آهن، جڏهن ته ملڪ کي پراجيڪٽ فنانسنگ جي مد ۾ 10 ارب 70 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.ان حوالي سان عاطف خان جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اقتصادي معاملن واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ عرب ڪوآرڊينيشن گروپ ۽ قطر فنڊ فار ڊولپمينٽ کان فنڊ وٺڻ جو پلان موجود آهي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال چين ۽ سعودي عرب کان 9 ارب ڊالرن جو قرض رول اوور ڪرڻ جو منصوبو آهي، پاڪستان کي هلندڙ مالي سال 20 ارب 80 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ قرض ادا ڪرڻو آهي، هلندڙ مالي سال اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر قرض وٺڻا آهن. جيڪي تيل ۽ ڪموڊٽي قرضن لاءِ هوندا، سعودي عرب ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيڻ تي راضي ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.