گهوٽڪي/خانپور مهر/ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ خانپورمهر ۾ گڏاڻي نوجوان اتحاد پاران پنج گلي چوڪ کان ريلي ڪڍي تعلقه پريس ڪلب خانپورمهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي جي اڳواڻي عبدالسلام گڏاڻي، ضمير گڏاڻي، قمر دين گڏاڻي، عطاءَ الله منصور، حاڪم گڏاڻي، عبدالقادر، رحيم بخش، طالب، عبدالوحيد گڏاڻي، علي دوست گڏاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ريلي ۾ شريڪ نوجوان گڏاڻي اتحاد جي نوجوانن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر توڙي شهيد صحافي نصرالله جي تصويرن وارا بئنر کنيل هئا مظاهرين شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي، هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ گڏاڻي برادري جي ماڻهن پاران ميرپورماٿيلو پهچي ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ ميرپورماٿيلو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن سعيد بوزدار،اظهر ڪلوڙ، ڪمال گڏاڻي، حاڪم ،حسين گڏاڻي ۽ ٻين چيو ته شهيد نصرﷲ گڏاڻي کي سچ ڳالهائڻ تي لنڊ برادري جي ماڻهن ناحق قتل ڪري اسان سان زيادتي ڪئي آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث روپوش مک جوابدار برڪت لنڊ ۽ عبدالله لنڊ کي پوليس اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته جلد ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.