واشنگٽن (م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اهم اڳواڻ باراڪ اوباما ۽ سندس زال مشل اوباما به ڪاملا هيرس جي صدارتي اميدوار طور حمايت ڪري ڇڏي. ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ اوباما چيو ته اوهان کي وائيٽ هائوس تائين پهچائڻ ۾ هر ممڪن ۽ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. مشل اوباما چيو ته مون کي اوهان تي فخر آهي، اهو تاريخي وقت هوندو. ڪاملا هيرس ٻنهي جا ٿورا مڃيا.