واشنگٽن(م ڊ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن مون کي ماري ڇڏين ٿا ته اميد آهي ته آمريڪا ايران کيڌرتيءَ تان ختم ڪري ڇڏيندو.ڊونلڊ ٽرمپ جو هي بيان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آمريڪي ڪانگريس ۾ خطاب کانپوءِ آيو آهي، جنهن ۾ نيتن ياهو ايران جي ڌمڪين تي زور ڏنو هو.اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي اسرائيلي وزيراعظم جي وڊيو سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو ته ”جيڪڏهن هنن مون کي ماري ڇڏيو ته اميد آهي ته آمريڪا ايران جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندو.ڊونلڊ ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته آمريڪي اڳواڻن کي بزدل سمجهيو ويندو.ياد رهي ته 14 جولاءِ تي ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ کي پينسلوانيا جي شهر بٽلر ۾ چونڊ ريلي دوران فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو هو.