عسڪري عملدارن سان پي ٽي آءِ جا مسئلا ن ليگ ۽ پ پ جي ڪري آهن: بئريسٽر سيف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر جعلي حڪومت کان هدايتون وٺي رهيو آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته موجوده صورتحال جو سڀ کان وڏو ذميوار چيف اليڪشن ڪمشنر آهي، سپريم ڪورٽ واضح لکيو ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيو.
چيف اليڪشن ڪمشنر ڪورٽ جي فيصلي تي عمل درآمد تي ٽال مٽول ڪري رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجي سڀني غير آئيني قدمن جو جواب ڏيڻو پوندو.
عسڪري عملدارن سان پي ٽي آءِ جي مسئلن جو سبب ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي آهي. هي اسان کي خراب ڏيکاري پاڻ کي سٺو بڻائڻ چاهن ٿا، وفاقي حڪومت ڊليور نٿي ڪري سگهي، ان لاءِ ٽڪراءُ ڪري رهي آهي، سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪري پنهنجي نااهلي لڪائي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.