ريشم نالي جي تبديلي پٺيان لڪيل ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ماضيءَ جي مشهور اداڪارا ريشم ويجهڙائي ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس اصل نالو ريشم نه پر ڪجهه ٻيو آهي.
اداڪارا ريشم نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن ذاتي زندگي ۽ سماجي ڪمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ريشم ٻڌايو ته سندس واسطو پنجاب جي شهر فيصل آباد سان آهي، شروع ۾ مختصر ڪردار ادا بعد ۾ مرڪزي ڪردار ملڻ لڳا.
انٽرويو دوران هن انڪشاف ڪيو ته سندس اصل نالو ريشم نه پر صائمه آهي جيڪو ان ڪري بدلايو ويو جو انڊسٽري ۾ ان وقت کوڙ ساريون مشهور اداڪارائون ان نالي سان ڪم ڪري رهيون هيون.
ريشم موجب، سندس پهريون ڊرامو پي ٽي وي تي نشر ٿيو، ان کان اڳ ئي هن جي وڏي ڀيڻ نالو تبديل ڪري ڇڏيو ۽ گهڻي غور ويچار کانپوءِ کيس ريشم نالو ڏنو، اهڙي طرح پهرئين ئي ڊرامي ۾ سندس نالو ريشم لکيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.