شيخوپوره(م ڊ) آءِ پي پيز کان بجلي خريد ڪرڻ جا معاهدا رد ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، تحريڪ انصاف نظرياتي جي چيئرمين اختر اقبال ڊار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ پي پيز کان مهانگي اگهه تي بجلي خريد ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، آءِ پي پيز سان معاهدا هڪ گندو عمل آهي جيڪو پاڪستان کي اڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اختر اقبال ڊار چيو ته چيف جسٽس کي گذارش آهي ته درخواست کي انساني بنيادي حقن ۽ عوامي مفاد جو ڪيس قرار ڏئي فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي ۽ آءِ پي پيز کي ادائيگين تي پابندي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.هن چيو ته جيڪي آءِ پي پيز کي گارنٽي ڏين ٿا، اهي به حڪمران آهن ۽ جيڪي پاور پلانٽ لڳائين ٿا اهي به حڪمران آهن، سرڪاري ملازمن کي مفت بجلي، گئس ۽ پيٽرول جو ڪلچر فوري طور تي ختم ڪيو وڃي.