اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته قوم نئين چونڊن جي تياري ڪري جڏهن ته عمران خان به قوم کي اليڪشن لاءِ تيار رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ باني سان اڊيالا جيل ۾ علاما راجا ناصر عباس، صاحبزدا حامد رضا ڪاظمي ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اسان جي اڄ خوشگوار ماحول ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي، عمران خان جنرل عاصم منير جي نالي پيغام ڏنو آهي.
هن چيو ته عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته شهباز شريف ۽ موجودا حڪومت پاڪ فوج ۽ پي ٽي آءِ کي آمهون سامهون ڪرڻ چاهي ٿي، 90 سيڪڙو عوام پاڪستان تحريڪِ انصاف کي سپورٽ ڪري رهيو آهي، 9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس، جي ايڇ ڪيو هائوس مظاهرن جا فوٽيج گم ٿي چڪا آهن.
اپوزيشن ليڊر چيو ته ڪشمنر اسلام آباد اسان جي جلسي جو اجازت نامو رد ڪيو، پي ٽي آءِ ٻيهر پنج آگسٽ تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪندي جنهن جي قيادت خيبرپختونخوا جو وڏو وزير ڪندو.
هن چيو ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سمورن ساٿين پي ٽي آءِ باني جي آڏو نالا رکيا، عمران خان مشڪل وقت ۾ ڄمي بيهندڙ عورتن کي سيٽون ڏيڻ جو چيو آهي جنهن جي حتمي معاملا ڪنول شوذب طئي ڪندي.
عمر ايوب چيو ته ڊي آءِ ايس پي آر ناڻي واري وزير ۽ گهرو وزير طور پريس ڪانفرنس ڪئي آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، بک هڙتالي ڪئمپ پي ٽي آءِ باني ۽ قيد ڪارڪنن جي آزادي لاءِ آهي.
You might also like