اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪميٽي طرفان اِهو فيصلو پي ٽي آءِ جي سينيٽر فوزيه ارشد جي ترميمي بل تي بحث کانپوءِ ڪيو ويو، بل ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 17 مان وڌائي 20 ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
پي ٽي آءِ جي ئي سينيٽر حامد خان بل جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ججن جو انگ وڌائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ايڊهاڪ ازم جي به مخالفت ڪيان ٿو، سپريم ڪورٽ کي اندروني ريگوليشنز ڪرڻيون آهن، هتي ته بئنچز ۾ ججن کي پِڪ اينڊ چوز ڪيو ويندو آهي.
پي ٽي آءِ جي سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان ئي 4 ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جي تجويز آئي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ گهرجي.
اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ ڪيترو هوندو اِهو ڪميٽي طئي ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو بار وڌي ويو آهي جج اهي ئي 17 آهن، ججن جو انگ وڌائڻ سادي قانون سازي ذريعي ممڪن آهي، آئيني ترميم گهربل ناهي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ ڪيسز ۽ ٻيا تفصيل طلب ڪندي سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جو بل ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ مستقل ججن جو انگ 17 آهي ۽ ويجهڙائي ۾ جڊيشل ڪميشن ايڊهاڪ ججن لاءِ ٻن نالن جي منظوري ڏني آهي.
You might also like