اڪشي ڪمار ڀارتي پرڊيوسرن کي تباهه ڪري ڇڏيو !

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار جي قسمت جو ستارو اڄڪلهه گردش ۾ آهي ۽ سندس لاڳيتو فلمون ناڪام ٿيڻ سبب پروڊيوسرز کي هڪ هزار ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ جو نقصان ڀوڳڻو پئجي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اڪشي ڪمار جي آخري هٽ فلم 2021ع ۾ رليز ٿيندڙ ” سوريا ونشي “ هئي جنهن کانپوءِ هنيئر تائين سندس مسلسل ڏهه فلمون باڪس آفيس تي ناڪام ٿي چڪيون آهن.
رپورٽس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تازو ئي رليز ٿيندڙ فلم ” سر ڦرا “ به بري طرح فلاپ ٿي وئي ۽ اسي ڪروڙ جي بجيٽ ۾ تيار فلم باڪس آفيس تي رڳو 21 ڪروڙ رپيا ڪمائي سگهي.
اڪشي ڪمار جي لاڳيتو فلاپ ٿيندڙ فلمن ۾ بچن پانڊي، سمراٽ پرٿوي راج، رڪشا بنڌن، ڪٺ پتلي، رام سيتو، سيلفي، او ماءِ گاڊ ٽو، مشن راني گنج ۽ بڙي ميان ڇوٽي ميان شامل آهن.
ڀارت ميڊيا رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڪشي ڪمار جي هڪ ٻئي پٺيان ناڪام فلمن سبب فلمسازن کي هڪ هزار ڪروڙ ڀارتي رپين جو نقصان ٿيو آهي، بڙي ميان ڇوٽي ميان فلم ۾ اڍائي سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا ۽ سمراٽ پرٿوي راج جي پرڊيوسرز کي ڏيڍ سئو ڪروڙ ڀارتي رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
ان ڏس ۾ اڪشي ڪمار جو چوڻ آهي ته هر فلم جي پٺيان جنون ۽ محنت هوندي آهي، ڪنهن به فلم جي ناڪامي مايوس ڪندڙ هوندي آهي، اِهي شيون اسان کي ڏک ڏينديون آهن ۽ اثرانداز به ٿينديون آهن پر ان سان فلم جي قسمت ڦيرو نه کائيندي، اوهان جي وس ۾ اِهو آهي ته اوهان وڌيڪ محنت ڪريو .
ياد رهي ته اڪشي ڪمار جون نوي جي ڏهاڪي ۾ مسلسل 16 فلمون ناڪام ٿي جنهن کانپوءِ هن ملڪ ئي ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪئناڊا جي شهريت ورتي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.