پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن لاءِ عورتن جي نالن جي لسٽ تيار ڪري ورتي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن لاءِ 35 عورتن جي نالن جي لسٽ تيار ڪري ورتي آهي.
قومي اسيمبليءَ ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ تحريڪ انصاف 14 نالا فائنل ڪري ورتا آهن جنهن ۾ ڪنول شوزب، عاليا حمزا، روبينا شاهين، سمابيا طاهر، فرخنده ڪوڪب جا نالا شامل آهن.
ان کانسواءِ شهناز طارق، ڊاڪٽر مصباح ظفر، روبينا جميل، ريحانا ڊار، خديجا شاهه، فرح آغا، ڊاڪٽر نوشين حامد، رابعا چيما ۽ فردوس ريحانا جا نالا به لسٽ ۾ شامل آهن.
هوڏانهن پنجاب اسيمبليءَ جي مخصوص سيٽن جي لسٽ ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، صنم جاويد، طيبا راجا، ناهيد نياز، عابدا راجا، سائرا رضا، عذرا نسيم، قربان فاطمه ۽ فرح آغا جا نالا شامل آهن، جڏهن ته ردوس ريحانا، سعديه ايوب، عائيشا ڀٽا، سارا علي سيد به فهرست ۾ شامل آهي.
ان کانسواءِ تنزيلا عمران، رخسانا رضا بانو، رقيه بي بي، صفيه جاويد، امينا بدر، بشريٰ سعيد، اميرا اظهر، اقصيٰ عاصم ۽ شيلا ممتاز نيازي جا نالا به مخصوص سيٽن واري لسٽ ۾ شامل آهن.
پنجاب اسيمبلي جي مخصوص سيٽن لاءِ مومنا ڪمال، شيرين نواز، فاطمه حيدر، تهمينا رياض، نيلوفر ملڪ، مريم ڪلثوم، اديبا نظر، صائما نورين، سيدا حنا، پروين زمان، ۽ شاهمين شاهد جي نالا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.